نواز شريف چوٿون ڀيرو اچي وري ويڙهه ڪندو؟ بلاول

0
56
نواز شريف چوٿون ڀيرو اچي وري ويڙهه ڪندو؟ بلاول
نواز شريف چوٿون ڀيرو اچي وري ويڙهه ڪندو؟ بلاول

لوئر دير: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معاشي حالتون نوازشريف يا کلاڙيءَ جي انتقامي سياست جي سٽ نه سهي سگهنديون، اسان کي خبر آهي ته نواز شريف چوٿون ڀيرو اچي ڇا ڪندو

هن چيو ته نواز شريف اقتدار ۾ اچي انهن سان ئي ٻيهر وڙهندو جيڪي کيس ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏياريندا، جيڪو 3 ڀيرا وزيراعظم بڻجي فيل ٿي چڪو آهي اهو چوٿون ڀيرو اچي ڪهڙا ڦاڙها ماريندو؟

بلاول ڀٽو زرداري لوئر دير ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب دوران چيو ته نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر هنن کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏيارڻ لاءِ چئي رهيو آهي

بلاول چيو ته زمان پارڪ جي وزيراعظم انتقام جي سياست ڪئي، راءِ ونڊ جي وزيراعظم به انتقامي سياست کي هٿي ڏني، عوام ٻنهي جماعتن کان تنگ ٿي چڪو آهي

پ پ چيئرمين چيو ته منهنجو پي ٽي آءِ جي باني سان رڳو اهو اختلاف هو ته هو سليڪٽ ٿي ڇو آيو؟

 پي ٽي آءِ جو باني امپائر جي آڱر تي سياست ڪندو رهيو ۽ حڪومت هلائيندو رهيو، نگران حڪومت نون ليگ هلائي رهي آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، ميان صاحب جو نجڪاري وارو وزير پي آءِ اي کي کپائي نه پر خريد ڪري رهيو آهي، اسان ڪنهن کي به پي آءِ اي خريد ڪرڻ نه ڏينداسين