اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ن ليگ جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته عام چونڊن جي مهم ۾ نواز شريف جي مينارا پاڪستان تي تقرير پارٽي بيانو هوندو. نواز شريف ۽ شهباز شريف پاران مفاهمتي پالسي تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ن ليگ جي اجالس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن مطابق اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته عام چوندن جي مهم ۾ نواز شريف جي مينارِ پاڪستان تي تقرير پارٽي بيانو هوندو. جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن پاران مفاهمتي پاليسي جي حمايت ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق خواجه آصف، سعد رفيق، احسن اقبال، رانا ثناءُ الله به مفاهمتي پاليسي جي حمايت ڪئي آهي. ذريعن مطابق اجلاس ۾ سڀ کان پهريان شهباز شريف خطاب ڪيو. ۽ مفاهمت سان 16 مهينا حڪومت جي ڪاميابي جو راز ٻڌايو. شهاز شريف چيو ته مون اسٽبلشمينٽ سميت سڀني سان مفاهمت وارو رويو رکيو، جنهن سبب ڪاميابي ٿي. نه هو منهنجي اختيار واري دائري ۾ آيا نه ئي مون ڪا مداخلت ڪئي. پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت هئي ڪنهن کي ناراض نه ڪيو. اجلاس ۾ نواز شريف به پنهنجي خطاب کي مينارِ پاڪستان جلسي تائين محدود نه رکيو، نواز شريف چيو ته منهنجو ڪنهن کان ڪو انتقام وٺڻ جو ارادو ناهي، ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻو آهي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيان ٿو. ذريعن مطابق حڪومت ملڻ جي صورت ۾ نواز شريف عدالتي سڌارن جو به اشارو ڏنو آهي. نواز شريف چيو آهي ته اهڙو انصاف چاهيون ٿا جنهن ۾ ججز آئين جي مطابق آزادانه فيصلا ڪن ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه اچن. ن ليگ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو تعداد وڌائڻ جو به اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان مسلم ليگ ن جي جنرل ڪونسل جو اجلاس 4 نومبر تي طلب ڪيو ويو. رائيونڊ ۾ ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ميان محمد نواز شريف ڪندو. پاڪستان مسلم ليگ ن جي جنرل ڪونسل جو اجلاس چار نونمبر تي رائيونڊ ۾ طلب ڪيو ويو آهي. نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي صدر شهباز شريف، مرڪزي اڳواڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. پارٽي صدر شهباز شريف جنرل ڪونسل جي اجلاس جي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. پارٽي جي قائد نواز شريف جي وطن واپسي کانپوءِ پارٽي جي جنرل ڪونسل جو هي پهريون اجلاس آهي. پارٽي ترجمان مريم اورنگزيب مطابق جنرل ڪونسل جو اجلاس فلسطينن سان يڪجهتيءَ جي لاءِ ٿيندو، پاڪستان مسلم ليگ ن پارٽي اليڪشن سيل، پارليماني بورڊ به تشڪيل ڏئي ڇڏيا آهن. اليڪشن سيل ۽ پارليماني بورڊ جي تشڪيل جي حوالي سان سيڪريٽري جنرل احسن اقبال کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته عام چونڊن جي لاءِ پارٽي اميدوارن کان درخواستن جي وصولي اڄ کان شروع ڪئي وڃي. پارٽي ٽڪيٽ جي لاءِ 10 نومبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. پارٽي منشور جي تياري جي لاءِ سينيٽر عرفان صديقي جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. سينيٽر عرفان صديقي مشور ڪاميٽي جي ٻين ميمبرن جو اعلان ڪندو. هوڏانهن مسلم ليگ ن ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ جا خواهشمند 10 نومبر تائين فارم فيس سيميت جمع ڪرائي سگهن ٿا. مسلم ليگ ن جي قومي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ جي لاءِ هڪ فارم جاري ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي جي جنرل ۽ مخصوص سيٽ جي لاءِ 2 لک روپيا ٽڪيٽ فيس مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي سيٽ جي ٽڪيٽ لاءِ هڪ لک روپيا فيس مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي مخصوص نشست جي لاءِ به هڪ لک روپيا فيس مقرر ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق مخصوص سيٽ جي لاءِ اميدوارن کي ٻه لک روپيا اضافي جمع ڪرائڻ اوندا. درخواست بينڪ ڊرافٽ پاڪستان مسلم ليگ ن سيڪريٽري لاهور ڪوريئر ذريعي پاڻ جمع ڪرائي سگهجي ٿو. پارٽي ٽڪيٽ جي فيس جي لاءِ ڪراس چيڪ قابل قبول نه هوندو. مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽ فارم ۾ اقرار نامو به شامل ڪيو ويو آهي. درخواست گذار کي قائد مسلم ليگ ن نواز شريف ۽ صدر شهباز شريف جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪرڻو پوندو. پارٽي ٽڪيٽ ملڻ جي يا نه ملڻ جي صورت ۾ پارٽي ڊسيپلين جي پابندي ڪرڻ لازمي آهي. جماعتي سرگرمين سان گڏ مسلم ليگ ن جي ڪاميابي جال3 ڀرپور ڪوششون ڪرڻي وندي. فارم ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي معيارن تي پورو لهڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. فارم جي بحالي جمهوريت جي لاءِ اميدوار جي خدمتن جي تفصيل داخل ڪرائڻ به لازمي قررا ڏنو ويو آهي. اڳوڻي چونڊ ڪارڪردگي، تڪ، پوزيشن ۽ پارٽي جا به تفصيل ڏيڻا پوندا.