لاهور (م ڊ) ن ليگ مدرسا بل بابت اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف مدرسن جي معاملي تي مولانا فضل الرحمان جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق ڪيو، 26 نومبر جي واقعن ۽ سول نافرماني جي ڪال به تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، نواز شريف چيو ته ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائيندرن جو گهيرو ڪيو ويندو، ڪنهن کي به ترقي جي راهه ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ڏينداسين.