اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جو سربراهه ۽ اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف چئن سالن بعد وطن واپس پهچي ويو، نواز شريف جي جهاز اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو، جِتي اسحاق ڊار، اعظم نذير تارڙ پارٽي سربراهه جو استقبال ڪيو. اڳوڻي وزير اعظم جي وطن واپسيءَ جي موقعي تي ان جي قانوني ٽيم اسلام آباد ايئرپورٽ تي موجود هئي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي نواز شريف جي اميگريشن واري عمل کي مڪمل ڪيو ويو، نواز شريف جي پاسپورٽ تي  پاڪستان جي داخل ٿيڻ جي مهر لڳائي وئي. ايئرپورٽ جي اسٽيٽ لائونچ ۾ نواز شريف جي مسلم ليگ ن جي قانوني ٽيم سان مشاورت ٿي، جنهن کان پوءِ هن قانوني ڪاغذن تي صحيح ڪئي. نواز شريف ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنسز ۾ سزا خلاف اپيلون بحال ڪرڻ جي درخواست تي به صحيح ڪئي. ان جو بايو ميٽرڪ سرٽيفڪيٽ به ورتو ويو. جڏهن ته ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزائن خلاف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان اپيل بحالي جي درخواست سومر تي داخل ڪئي ويندي. نواز شريف جي وڪيل امجد پرويز سزائن خلاف اپيل جو حق بحال ڪرڻ واري درخواست سومر تي داخل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.