نواز شريف العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف اپيلون بحال ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرائي ڇڏيون
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان سندس وڪيل امجد پرويز ايڊوڪيٽ درخواستون داخل ڪرايون
درخواستن ۾ نواز شريف موقف اختيار ڪيو آهي ته مان بيماريءَ مان اڃا مڪمل طور صحتياب نه ٿيو آهيان، پر ملڪ جي بدتر معاشي حالتن کي ڏسندي واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لنڊن ۾ قيام ڊگهو ٿيڻ تي نوازشريف جون سزا خلاف اپيلون جون 2021 ۾ خارج ڪري ڇڏيون هيون