اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ نواز جي قائد ميان نواز شريف جي ڏيهه واپسي لاءِ رستو صاف ٿي ويو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان کيس وڏو رليف ملي ويو آهي، عدالت کيس 24 آڪٽوبر تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته احتساب عدالت به توشا خانا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب العزيزيه ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ نواز شيريف جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر رافع مقصود ۽ افضل قريشي دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته نواز شريف ٽرائل ڪورٽ ۾ اشتهاري هو، جنهن ۾ وارنٽ معطل ٿي چڪا آهن، ان تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته اوهان وٽ اُهو آرڊر آهي، اعظم نذير ٻڌايو ته آرڊر ٿي ويو آهي، وڪيل احتساب مان اچي رهيا آهن.عدالت احتساب عدالت جي حڪم کي نظر ۾ رکندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفنرس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ 24 هين آڪٽوبر تائين سندس حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.ٻئي پاسي اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جي توشاخانا ڪيس ۾ وارنٽ معطل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ نواز شريف جو وڪيل قاضي مصباح ۽ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل قاضي مصباح الحق چيو ته نواز شريف جي وارنٽ معطلي بابت ڪالهه درخواست داخل ڪئي هئي، نواز شريف عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو ۽ 21 آڪٽوبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي تنهنڪري سندس گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن. ان تي جج محمد بشير چيو ته نواز شريف خلاف توشا خانا ڪيس نيب ڪورٽ ٿري جو معاملو آهي، ان تي وڪيل ٻڌايو ته 24 آڪٽوبر تي اوهان جي عدالت ۾ ٻڌڻي مقرر آهي، نواز شريف پيش ٿيڻ چاهي ٿو. نواز شريف جي وڪيل جي موقف تي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي وزيراعظم جي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نواز شريف ٻه رليف گهريا آهن، هو عدالت جي آڏو سرنڊر ڪرڻ چاهي ٿو، نواز شريف اچڻ چاهي ٿو ته وارنٽ 24 آڪٽوبر تائين معطل ڪري ڇڏيو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نواز شريف جي وارنٽ معطلي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ٿوري دير کانپوءِ عدالت فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي چيو ته جيڪڏهن نواز شريف 24 آڪٽوبر تي نه آيو ته وارنٽ بحال ٿي ويندا.