لاهور(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ جو مطالبو ڪندي ذميوارن کي سزائون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، عوامي تحريڪ جي آفيس جي دوري ۽ ماڊل ٽائون سانحي جي مقتولن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته نوازشريف وزيراعظم بڻيو ته سندس ايجنڊا هوندي سياسي مخالفن کي بند ڪري ڇڏي، انتقامي سياست ڪري ۽ سڀني کان حساب وٺي. هو ماضي کي ڏسندي حال کي نقصان پهچائيندو، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ نفرت جي سياست کي انتها تي کڻي ويا آهن. هن چيو ته پ پ جي تاريخ آهي ته اها سڄي ملڪ کي گڏ کڻي هلندي آهي نئين سوچ سان سياست ڪري رهي آهي.