نواز شريف جي واپسيءَ کانپوءِ سندس جلسن ۾ ڪيترن کي ئي اهو لاهوري رنگ نظر ناهي آيو، جيڪو ان کان اڳ محترما بينظير ڀٽو جي جلاوطني ختم ڪري واپسيءَ واري وقت لاهورين ڏيکاريو هو. پيپلز پارٽي وارا ته ايئن به سمجهن ٿا ته نواز شريف جي واپسيءَ جو موجوده لاهوري رنگ اهڙو به نه هو، جهڙو شهيد بينظير ڀٽو جي جلاوطني ختم ڪري ڪراچي پهچڻ وقت هو. ڪارساز واري واقعي ان کي ليڊرشپ جي نئين امتحان طرف به موڙي ڇڏيو هو. محترما جي لاهور ۽ ڪراچي واري اها واپسي نه جنرل ضياءَ کي پسند هئي ۽ نه ئي وري پرويز مشرف کي پسند پئي آئي پر عمران خان جي لاهور واري جلسي کان ويندي نواز شريف جي مينار پاڪستان واري تازي جلسي تائين نتيجي کي ڊيل سان تعبير ڪيو پيو وڃي.
خير مسلم ليگ (ن) آڏو جڏهن ان قسم جي صورتحال اچي ٿي ته اهي شروع ۾ ئي چون ٿا ته پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ڪٿي آهي ئي ڪونه. توهان ان جو مثال ڇو ٿا ڏيو. جڏهن ته عمران خان وارا به معافي گهرندا ٿا رهن، ان ڪري اسان جو مقابلو ته ڪنهن سان به ڪونهي، ان ڪري ئي ته مسلم ليگ (ن) کي ماحول، “اليڪشن ڪرايو يا نه ڪرايو” واري صورتحال ۾ نتيجا ساڳيا نظر اچن ٿا. چون ٿا ته جڏهن نواز شريف اسلام آباد ايئرپورٽ واپس پهتو ته جهانگير ترين واري پارٽي جو همراهه، عمران خان جو ماضيءَ ۾ ويجهو رهندڙ عون چوڌري به استقبال لاءِ موجود هو، ان ڪري نئين استحڪام پارٽي به نواز شريف کي استحڪام ڏيندي نظر اچي ٿي. ڇا هاڻي ان ڳالهه تي به بحث ڪريون ته لاهور پهچڻ کانپوءِ نواز شريف کي مليل هيليڪاپٽر ڪنهن جو هو؟ يا ان سوال جو جواب ڳولهيون ته هيليڪاپٽر جي سامهون موجود لاهور جو سي سي پي او نواز شريف کي سليوٽ ڇو ڪري رهيو هو؟ ان سليوٽ جي ڪهاڻي ته نواز شريف جي لنڊن کان واپسي واري وقت کان اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪي هئي، جڏهن لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن وارن نواز شريف سان ملاقات ڪئي. نواز شريف جڏهن اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو ته نادرا وارا بايو ميٽرڪ ڪرڻ اتي پهچي ويا. بقول پي ٽي آءِ جي ته نواز شريف عدالت نه آيو پر عدالت ان ڏانهن وڃي رهي هئي. ان ڪري ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي ته نواز شريف به ساڳيو، ته احتساب عدالت جو جج محمد بشير به ساڳيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به ساڳي ته نوٽيسن تي اشتهاريءَ واري حقيقت به ساڳي پر چوندا آهن ته،
وقت ڪرتا هئي پرورش برسون
حادثا ايڪ دم نهين هوتا
هن ماحول کي تبديل ٿيڻ ۾ ٻه چار سال لڳي ويا آهن. هاڻي ملڪ اندر نئين اسٽيبلشمينٽ آهي، نئون چيف جسٽس آهي، نئين نيب آهي، ان ڪري جڏهن هينئر نواز شريف واپس آيو آهي ته هو به نئون نئون آهي، پراڻو نواز شريف جنرل باجوه ۽ فيض حميد جو نالو کڻندو هو، تڏهن پي ڊي ايم وارن جي به هوندي چوڌري فواد وارا کين چوندا هئا ته گرائونڊ ڀري ڏيکاريو ته اسين سياست ڇڏي ڏينداسين پر تڏهن نواز شريف وارن جا پي ڊي ايم جي تعاون باوجود گرائونڊ ڀرجي نه سگهندا هئا ۽ هاڻي جڏهن چوڌري فواد وارا شرط لڳائڻ جي قابل ئي نه رهيا آهن ته نواز شريف وارن جا مينار پاڪستان وارا ميدان ڀرجي وڃن ٿا.
نواز شريف جڏهن علاج لاءِ ويو هو تڏهن سندس نياڻي مريم نواز ۽ هو پاڻ اينٽي اسٽيبلشمينٽ هئا، تڏهن مريم نواز به چوندي هئي ته، اليڪشن پوءِ ٿيندي، پهرين ليول پليئنگ فيلڊ ٿيندي. هاڻي اهڙي ليول پليئنگ فيلڊ ٿي آهي، جو وقت جي نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ کان به جڏهن اهڙي قسم جو سوال ڪجي ٿو ته هو به جواب ڏيندي چوي ٿو ته ليول پليئنگ فيلڊ جو جيڪڏهن توهان جي نظر ۾ مقصد ڪنهن مخصوص پارٽي کي کٽرائڻ آهي ته مان ڪجهه ڪري نٿو سگهان.
انوار الحق ڪاڪڙ اهو به چوي ٿو ته توهان کي ياد آهي ته 2018ع ۾ ڪهڙو معجزو ٿيو هو؟ ان جو مقصد اهو ٿيو ته انوار الحق ڪاڪڙ کي به سڀ خبر آهي. نواز شريف هاڻي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، “مجهي ڪيون نڪالا”. شهباز شريف به هينئر وزير اعظم جي ڪرسي ڇڏي آهي پر اهو هاڻ احتساب جي ڳالهه ڪرڻ بدران چوڌري شجاعت جيان چوي ٿو ته، “مٽي پائو”. ان جي معنيٰ ته اڳتي وڌو ۽ اڳتي وڌڻ مان مراد آهي ته حڪومت هاڻي هنن جي ئي آهي.
جنهن نواز شريف کي وزير اعظم هائوس مان ڪڍيو ويو هو، انهيءَ وزير اعظم هائوس ۾ نواز شريف کي واپس چوٿون ڀيرو ويهارڻ جو مقصد ئي ليول پليئنگ فيلڊ آهي.
نواز شريف کي جيئن ان کان اڳ 2013ع وارين چونڊن وقت وڪٽري اسٽيج ڏيڻ مهانگو پئجي ويو هو، عمران خان اهڙو اچي ڳچيءَ ۾ پيس، جو ميان صاحب اهو ٻڌايو ته وقت کان اڳ توهان کي ڪيئن خبر پئي ته توهان کٽي ويا آهيو! نواز شريف کي عمران خان چيو ته هاڻي چئن تڪن جا نتيجا کول ته خبر پوي. ايئن ئي هينئر کان ئي نواز شريف جي مخالفن سوال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ته اليڪشن ٿي ناهي ۽ نواز شريف کي ڪيئن خبر پئي ته اهو کٽي چڪو آهي؟! نواز شريف جي تقرير آخر وڪٽري اسٽيج جهڙي ڇو آهي؟ اها پنهنجي جڳهه تي حقيقت آهي ته نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز پراڻي نظام آڏو جنهن ويڙهه جو حصو رهيا، جيل ڀوڳيا، جلاوطن ٿيا، نواز شريف جي واپسي ان نظام آڏو فاتح واپسي ضرور آهي، بلڪل ايئن، جيئن پرويز مشرف محترما بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. ت
ڏهن نواز شريف جي ميثاق جمهوريت ڪرڻ کانپوءِ واپسي وقت محترما بينظير ڀٽو، پرويز مشرف کي مخاطب ٿيندي چوندي هئي ته، ڏس پرويز مشرف! ملڪ جا اڳوڻا ٻئي وزير اعظم ملڪ واپس اچي چڪا آهن ۽ تنهنجي وردي به لهي وئي آهي. تيئن ئي نواز شريف جي موجوده واپسي به ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڪنهن به جوڙيل نظام ذريعي ڪنهن کي به گهڻو وقت نااهل يا قيد يا وري جلاوطن ڪري نٿو سگهجي. ان حقيقت کان نواز شريف کان وڌيڪ ٻيو ڪير واقف هوندو! پر ان باوجود نواز شريف آڏو اهي سوال موجود آهن ته ڇا هو عوامي طاقت جي بنياد تي واپس آيو آهي يا جن کيس ٻاهر اماڻيو هو، انهن جي چوڻ تي واپس اچي اقتدار حاصل ڪندو. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته پوءِ ووٽ کي عزت ڏيڻ واري تحريڪ سندن ئي ڳچيءَ ۾ پوندي.
هڪڙو اهو وقت هو، جڏهن عمران خان وزير اعظم هوندو هو، تڏهن آصف علي زرداري کان ويندي خورشيد شاهه تائين، نواز شريف کان ويندي شاهد خاقان عباسي تائين سڀ جيل ۾ هوندا هئا. اسپيڪر اسد قيصر انهن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪندو هو. مخالف ڌر وارا جتي پريس ڪانفرنس ڪندا هئا، اتي سرڪاري اهلڪار پهچي ويندا هئا. پارليامينٽ لاجز هجي، پارليامينٽ جي سامهون ڊي چوڪ، شاهد خاقان عباسي وارن کي جوتا اڇلائي هڻندا هئا. جڏهن عمران خان جي بندوق جي سيڌ تي آصف زرداري هوندو هو، جڏهن عمران خان چوندو هو ته راڻا ثناءُ الله کي مُڇين کان پڪڙي جيل ۾ وجهندس. عمران خان جو اهو دور تبديلي جي نالي تي تباهي وارو ۽ انتقام سان ڀريل دور هو. انهن ڏينهن ۾ وزير اعظم کان اهي سوال ٿيندا هئا ته پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ باوجود قومي اسيمبلي ميمبرن کي پيش ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ هينئر به ساڳيا سوال موجود آهن ته جڏهن اليڪشن ڪميشن عمران خان کي پيش ڪرڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا آهن ته پوءِ کيس اڊيالا کان اليڪشن ڪميشن ڇو پيش نه ڪيو ويو؟ اليڪشن ڪميشن پاڻ اهي سوال ڪري رهي آهي ته جيڪڏهن توهان اها سيڪيورٽي ڏئي نٿا سگهو ته چونڊن ۾ سيڪيورٽي ڪيئن ڏيندا؟
هڪڙو ڏينهن هو ته نواز شريف کي جڏهن احتساب عدالت پهچڻو هو ته آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني کي به اچڻو هو. ساڳئي وقت عمران خان کي به اليڪشن ڪميشن پهچڻو هو پر ميڊيا کي خبر هئي ته فوڪس نواز شريف کي ئي رکڻو آهي. اهي سوال آهن جيڪي عمران خان کان ٿيندا هئا ته توهان اچو ٿا ته ڪارڪنن کي سڏ ڇو ٿا ڏيو؟ اهو ساڳيو عمل هن وقت نواز شريف جي اچڻ وقت به ٿيو. ڪئميرا جي اک ۾ منظر ساڳيا هئا، هنڌ به ساڳيا هئا، جج ۽ وڪيل به ساڳيا هئا پر گاڏيءَ جي اندر واري تبديلي اصل تبديلي هئي، جيڪا نعرن جي صورت ۾ به نظر اچي رهي هئي.
يوسف رضا گيلاني کان جڏهن ليول پليئنگ فيلڊ جي حوالي سان پڇيو ويو ته هن چيو ته پيپلز پارٽي کي هاڻي ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪرڻ ئي نه کپي. پيپلز پارٽي کي ڪڏهن ليول پليئنگ فيلڊ ملي ئي نه آهي. بهرحال جنهن عدالت نواز شريف کي ضمانت ڏني، انهيءَ عدالت آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني کي به ضمات ڏيئي ڇڏي پر هيءَ اها احتساب عدالت آهي، جتي نواز شريف کي سزا اچڻ کانپوءِ سج لهڻ وقت اهو فيصلو ٿي رهيو هو ته نواز شريف کي اڊيالا جيل اماڻجي يا ڪوٽ لکپت جيل! هي ساڳيو احتساب عدالت وارو رستو هو، جتان آصف علي زرداري کي سزا ٻڌائي وئي هئي.
ان ساڳئي رستي تي ويندي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي کي به سزا ٻڌائي وئي هئي. شاهد خاقان عباسي کي ان جڳهه تي رکيو ويو، جتي ڀرسان واري ڪمري ۾ آصف علي زرداري قيد هو. جتي رات جي وقت آصفه ۽ بختاور ڀٽو آصف زرداري لاءِ ماني کڻي پهچنديون هيون ته ٻئي طرف شاهد خاقان عباسي جو خاندان کاڌو کڻي پهچندو هو، بلڪل ايئن جيئن هينئر ساڳئي رستي کان ٿيندي عمران خان به اڊيالا جيل پهتو آهي ۽ سندس گهر واري ۽ ڀينرون به ايئن ئي ماني کڻي پهچي رهيون آهن. ڪالهه پي ٽي آءِ جو عمران اسماعيل اڊيالا جيل تي طنز وارا گانا ڳائيندو هو، اڄ سندن عمران خان ان جيل ۾ آهي. اها ڳالهه نواز شريف وارن کي شايد اسان کان وڌيڪ سمجهه ۾ ايندي هجي ته احتساب عدالت وڃڻ ڪهڙي ليول پليئنگ فيلڊ آهي.