اسلام آباد: نواز شريف پنهنجي ذاتي اسڪواڊ سان گڏ مري ايڪسپريس وي رستي اسلام آباد پهتو، مريم نواز ۽ سندس وڪيلن ٽيم پڻ ساڻس گڏ هئي. اڳوڻي وزيراعظم جي پيشي موقعي تي اسلام آباد جڊيشل ڪمليڪس جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي وڌائي وئي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف کي پيشي ٿيڻ لاءِ ڏيڍ وڳي جو وقت ڏنو هو. نواز شريف جي وڪيل مصباح اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٽي درخواستون داخل ڪيون. وڪيل طرفان توشاخانه ريفرنس ۾ نواز شريف جي ضم ٿيل پراپرٽي بحال ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي، ٻئي درخواست ڪئي وئي ته توشاخانه ڪيس ۾ نواز شريف جو وڪيل مقرر ڪيو وڃي، عدالت ۾ نواز شريف جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي درخواست به داخل ڪئي وئي. نواز شريف جي ضمانتي طور ن ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري کي مقرر ڪيو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم تي نواز شريف روسٽرم تي اچي حاضري لڳائي، جنهن کانپوءِ جج محمد بشير جي اجازت سان نواز شريف عدالت جي ڪمري مان روانو ٿي ويو.