لنڊن(م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف بيلاروس جي دوري کانپوءِ لنڊن پهچي ويو، ايون فيلڊ ٻاهران ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن آمهون سامهون ٿي ويا، ان دوران سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن هڪ ٻئي خلاف نعرا هڻندا رهيا. لنڊن پوليس جي وڏي نفري ايون فيلڊ ٻاهران پهچي وئي، هڪ پي ٽي آءِ ڪارڪن کي حراست ۾ وٺي پاڻ سان گڏ کڻي ورتو، بعد ۾ دير سان صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو.