سکر (بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ميان صاحب کي هٿ ٻڌي اپيل ڪندس ته نواز شريف، ميان محمد شريف ٿي هن ملڪ جي رياست کي بچائي، هن وقت تائين انوکو ۽ لاڏلو ميان صاحب ئي نظر اچي پيو، بهترين سياست ڪريو، جنهن جي مدد سان نه اچو، نه ته گو نواز گو جا نعرا لڳندا. پهريان کان چوان ٿو ته اليڪشن جي تاريخ نواز شريف جي لاءِ روڪي وئي آهي، اسان صحي آهيون ته نواز شريف کي چوڻ گهرجي ته هاڻي مان اچي ويو آهيان اليڪشن جو اعلان ڪريو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جيڪا فيور ڏني آهي اهو لڪي ويندو يا ظاهر ٿي ويندو. پر هڪ ڳالهه واضح ٿي ويندي، نواز شريف منهنجي ڳالهه سمجهي وٺي جيڪڏهن هن عمران وارو رول ادا ڪيو ۽ غلط رستو سان آيو جيڪو نظر به اچي رهيو آهي، جيڪڏهن نواز شريف ائين ڪيو ته هو به عمران خان جيان تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويندو.