اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدليه مخالف تقريرن تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف 2018ع کان التوا هيٺ توهين عدالت جي درخواست عدم پيروي تي خارج ڪري ڇڏي، شهري عدنان اقبال درخواست داخل ڪئي هئي، پر پاڻ يا وڪيل پيش نه ٿيو، درخواست ۾ نواز شريف خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي هئي.