لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي وطن واپسي جي تاريخ طئي ٿي وئي، 21 آڪٽوبر تي ڏيهه ورندو، لاهور ۾ سندس شاندار آجيان جون تياريون شروع ٿي ويون، لنڊن ۾ نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شهباز شريف، سليمان شريف، حسن نواز، خواجه آصف ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نواز شريف جي وطن واپسي ۽ چونڊن جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پ پ جي موقف تي ڳالهيون ٿيون. ن ليگ صدر شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي لنڊن کان ڏيهه واپسيءَ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو. شهباز شريف چيو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي پاڪستان موٽي رهيو آهي، ڏيهه واپسي تي سندس شاندار آجيان ڪئي ويندي. ان کان اڳ ن ليگ اڳواڻ اهو چئي چڪا آهن ته نواز شريف ڏيهه واپسي کانپوءِ ڪيسن جي حوالي سان قانون کي منهن ڏيندو ۽ چونڊ مهم جي به قيادت ڪندو. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 2019 کان علاج واسطي لنڊن ۾ موجود آهي. هوڏانهن لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نئين آدمشماري تحت چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، نواز شريف پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو ۽ ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪرايو، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پارٽي سان صلاح مشوري کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته 21 آڪٽوبر تي نواز شريف پاڪستان پهچندو، پورو پاڪستان هن جي واپسي جو منتظر آهي، لاهور ۾ استقبال لاءِ ايندڙ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پوندو سندس تاريخي استقبال ڪيو ويندو. پوري ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون. نواز شريف تي ڪيس آهن انهن جي پرواهه ناهي، قانون جي پوئيواري ڪنداسين