لاهور ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي چيف آرگنائزر مريم نواز چئن سالن کانپوءِ پنهنجي والد نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي موقعي تي لڙڪ لاڙي ويٺي. مريم نواز مينارِ پاڪستان ۾ ٿيل مسلم ليگ ن جي رٿيل جلسي ۾ اسٽيج تي نواز شريف جي آجيان ڪئي ۽ بعد ۾ اسٽيج تي پيءُ کي ڀاڪر پائي روئي ويٺي. ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب جي اکين ۾ به پاڻي تري آيو.