لاهور (م ڊ)  ن ليگ قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ٻيهر سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب نواز شريف سومر کان روز جي بنياد تي سياسي سرگرميون شروع ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ماڊل ٽائون سيڪريٽريٽ ۾ ليگي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو، انهن ملاقاتن ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ پارٽي جي صورتحال تي غور ۽ اهم فيصلا ڪيا ويندا.