نواز شريف جي مودي کان ياري اڃا برقرار آهي: فرخ حبيب

0
62

ڪراچي(م ڊ) اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز ۽ نواز شريف کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته مودي سان نواز شريف جي ياري برقرار آهي، اهو ئي سبب آهي جو مريم نواز مودي جي ڳالهه نٿي ڪري، فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته نواز شريف مريم کي مودي جي خلاف ڳالهائڻ کان روڪيو آهي، مريم جيڪا ڳالهائي اها ڀارت ۾ هيڊ لائن بڻجي ٿي، نواز ۽ مودي جا واسطا ته اڄ به زنده آهن، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهيو ۽ دنيا جي سامهون رکيو، هن چيو آهي ته 62 پاڪستانين کي عيد جي موقعي تي ملڪ واپسي جي لاءِ وزيراعظم مسيحا ٿيو ۽ عيد تي پاڪستانين جي واپسي لاءِ خصوصي جهان جو انتظام ڪيو، هن عيد جي ڏينهن ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جو اظها رڪندي چيو ته ڪشميرين جي جدوجهد کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، ڪشمييرين آزادي جي لاءِ قربانيون ڏنيون، اڄ انهن کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي، مملڪتي وزير چيو ته عيد ڪورونا ويڪسين لڳرائي وبا کان پاڻ کي بچايو.