اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جي منسٽر انڪليو ۾ اسحاق ڊار جي رهائش گاهه تي گڏجاڻي ٿي، شباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن کي نواز شريف جي ڪيسن ۾ اڳڀرائي تي مبارڪون ڏنيون ويون. نواز شريف پاران به پنهنجي قانوني ٽيم، اعظم نذير تارڙ، عطا تارڙ سميت ٻين کي واڌايون ڏنيون ويون، مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف پارٽي جي اڳواڻن سان غير رسمي مشاروت ڪئي. جنهن ۾ اڳوڻو وزير اعظم شهباز شريف، اسحاق ڊار، احسن اقبال، خواجه آصف، اعظم نذير تارڙ، مريم اونگزيب، عطاءٌ الله تارڙ، خواجه سعد رفيق ۽ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري  ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايندڙ سياسي حڪمت عملي تي به مشاورت ڪئي وئي. هوڏانهن شهباز شريف چيو آهي ته العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ڪيسن ۾ بيگناهه سزائن خلاف نواز شريف جي اپيلن جي بحالي ناانصافي جي ڪاري دور ۾ نظام عدل تي لڳل داغ کي ڌوئڻ طرف هڪ قدم آهي. شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته حالتن، واقعن ۽ ناقابل ترديد شاهد ثابت ڪري چڪا آهن ته ڪيئن پانامه کان اقامه ۽ پٽ کان پگهار ڇو نه ورتي، جي تصور تي بليڪ لاء ڊڪشنري جي تشريح سزا بڻائي وئي. نواز شريف ان سان محبت ڪندڙ عوام ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. انشاءَ الله فتح انصاف جي ٿيندي. تارازيءَ جا ٻئي پلڙا برابر ٿيڻ سان ئي پاڪستان بحرانن مان نڪرندو.