نواز شريف جي اپيل ميرٽ تي خارج نه ٿي، نيب مريم کان اڳ نواز تي ڏوهه ثابت ڪري: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

0
75
نيٺ مريم نواز کي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف مريم نواز جي اپيل تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته مفروضن تي نٿا وڃي سگهون، نيب دستاويزن سان نواز شريف جو پراپرٽيز سان تعلق ثابت ڪري، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو عدالتي فيصلو پڙهي ٻڌايو

جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته نواز شريف جي اپيل ميرٽ تي نه پر عدم حاضري تي خارج ڪئي وئي هئي، ايئن ناهي ته اپيل ان طرح خارج ٿي ان جو چارج به درست ثابت ٿي ويو، مريم نواز جي اپيل ميرٽ تي ٻڌنداسين، هن پنهنجو ڪيس ٺاهيو آهي ته عدالتي فيصلي ۾ ڪهڙو قانوني جهول آهي، نيب کي ان جو دفاع ڪرڻو آهي

جسٽس عامر فاروق چيو ته نيب چوي ٿو ته نواز شريف 1993ع ۾ اثاثا خريد ڪيا ۽ لڪايا، پوءِ ثبوتن سان ئي ثابت ڪرڻو آهي ته مريم نواز پنهنجي والد جي معاونت ڪئين ڪئي؟ جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اسان اهو دڳ سنئون ڪري رهيا آهيون جنهن تي اوهان کي اڳتي وڃڻو آهي، نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته نواز شريف ۽ سندس ٻار اتي رهي رهيا هئا، جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته عوامي معلومات جي ڪنهن ڳالهه تي بار اوهان مٿان نٿو پوي، في الحال پراپرٽي ملڪيت کي نواز شريف سان لنڪ ڪريو، هتي ته اڌ پاڪستان ٻين جي گهرن ۾ رهي پيو

پهريان اهو سمجهايو ته 1993ع ۾ نيلسن ۽ نيسڪول جو نواز شريف سان ڪهڙو تعلق هو؟ ان کان وڌيڪ سولي ٻولي ۾ نيب کان سوال نٿا ڪري سگهون. عدالت جي سوالن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسان جي اڄ لاءِ بس ٿي وئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته نواز شريف ڇا ڪٿي به چيو هو ته اها ملڪيت ان جي آهي؟ جنهن تي مريم نواز جي وڪيل چيو ته نواز شريف ڪنهن به فورم تي ناهي چيو ته ملڪيت هن جي آهي، عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته اهو به ٻڌايو ته ڇا اپارٽمينٽس خريدڻ لاءِ ادائگي نواز شريف ڪئي؟ عدالت لنڊن اپارٽمينٽس ۽ نواز شريف ۾ تعلق تي نيب کان 4 سوالن جا جواب طلب ڪيا ته نيب ٻڌائي ته اپارٽمينٽس خريدڻ لاءِ ادائگي نواز شريف ڪئي؟ نواز شريف جو ڪمپنين سان تعلق ثابت ڪريو، ڪمپنين جو فليٽس سان تعلق ثابت ڪريو

فليٽس 1993ع ۾ خريد ڪيا ويا اهو ثابت ڪيو وڃي ان کانپوءِ مريم نواز جو فليٽس سان تعلق ثابت ڪريو.  هاءِ ڪورٽ نيب کي مريم نواز کان اڳ نواز شريف تي ڏوهه ثابت ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالت چيو ته نواز شريف جو ڪيس اسان سامهون نه آهي ان جو اهو مطلب ناهي ته ان تي فرد جرم ٺيڪ ثابت ٿي وئي، مريم نواز جو وڪيل ميرٽ تي دليل ڏئي، ميرٽ تي جواب ڏيو، جيڪڏهن ڪا آبزرويشن آيل آهي ته ان باوجود اوهان کي پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻو آهي. جنهن بعد ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

عمران خان ۾ همت آهي ته مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ جو نالو کڻي: مريم نواز