نواز شريف جي ملڪ واپس اچڻ باوجود ملڪ ۾ سياسي سرگرميون عروج تي پهچي نه سگهيون آھن. اڄڪلھ عدالتي ڪارروائي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آھي. گهڻين سياسي حلقن جو به ڌيان عدالتن ڏانهن آھي. اگر رڳو ڪالھوڪي ڏينهن کي ڏٺو وڃي ته اهم ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي آھي. ڪالھ سپريم ڪورٽ سويلين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائيل ڪرڻ واري عمل کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آھي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ قائم پنج رڪني بينچ اهڙو فيصلو متفقه طور تي ڏنو آھي. فيصلي ۾ چيو ويو آھي ته جن 102 سويلين خلاف فوجي عدالتن ۾ ٽرائيل ٿي رهيو آھي، انهن ڪيسن کي به عام فوجداري عدالتن کي منتقل ڪيو وڃي. عدالت آرمي ايڪٽ ۾ سويلين جي ٽرائيل بابت شقن کي آئين سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ به قرار ڏنو آھي. سپريم ڪورٽ جو اهو فيصلو عمران خان سوڌو پي ٽي آءِ جي ورڪرن لاءِ اهم فيصلو آھي. کين هاڻي 9 مئي جي ڪيسن ۾ فوجي عدالتن کي منهن ڏيڻ بجاءِ سول عدالتن ۾ منهن ڏيڻو پوندو. ائين ڪالھ احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس مان اسحاق ڊار کي بري ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزائن خلاف نواز شريف جي اپيلن تي به پنج رڪني بينچ قائم ڪئي وئي آھي. ائين قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ٽُٽڻ بعد 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ واري ڪيس جي به ٻڌڻي شروع ٿي وئي آھي، جيڪو ڪيس ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ اهم ڪيس آھي.
ڳالھ اسيمبلين جي هلي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌايان ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ختم ٿيڻ بعد انهن ايوانن جو حال ڇا آھي؟ انهن جي عدم موجودگي جو ملڪي سياست تي اثر پئجي رهيو آھي. قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبن جون صوبائي اسيمبليون ختم ٿيل آھن، جنهنڪري انهن ايوانن کي تالا لڳل آھن. انهن ايوانن جون عمارتون سنسان آھن. رڳو سينيٽ جو ايوان موجود آهي پر رڪيوزيشن جمع ڪرائڻ باوجود سينيٽ چيئرمين سينيٽ جو اجلاس طلب ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. ميان رضا رباني سينيٽ جو اجلاس طلب ڪرڻ جا مطالبا مسلسل ڪري رهيو آھي پر انهن مطالبن تي ڪو ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار نه آھي. چيو وڃي ٿو ته سينيٽ جو اجلاس ان ڪري گهرائڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي بحث ٿي سگهي ٿو، قومي اسيمبلي جي ٽوڙڻ بعد 90 ڏينهن ۾ چونڊ نه ٿي سگهڻ تي سوال اٿاري سگهجن ٿا، نگران حڪومت پاران نجڪاري سوڌو ٿيندڙ فيصلا تنقيد جي زد ۾ اچي سگهن ٿا. ان ڪري سينيٽ جو اجلاس ئي طلب نه ٿي رهيو آھي. اهو عمل ته حيرتناڪ آھي ئي پر ان کان وڌيڪ حيرت جو مامرو ميان نواز شريف پاران چئن سالن جي جلاوطني ختم ڪرڻ بعد مينارِ پاڪستان ۾ ڪيل خطاب ان ڪري آھي، جو ان خطاب ۾ ميان نواز شريف نه اڳواڻن کي چونڊن جي تياري جي هدايت ڪئي، نه ئي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو ڪو مطالبو ڪيو، نه ئي سـڄي ملڪ مان آيل ڪارڪنن کي ملڪ اندر سياسي جلسن ڪرڻ جو ڪو شيڊيول ڏنو. سوال هي آھي ته ملڪ جو ٽي ڀيرا وزير اعظم رهندڙ نواز شريف پاران فوري چونڊن جو مطالبو نه ڪرڻ جو مقصد ڇا آھي؟ چيو وڃي ٿو ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چونڊون ڪجھ دير سان ڪرائڻ جي تجويز نواز شريف کي ڏني آھي، جنهن سان ميان نواز شريف اتفاق ڪيو آھي. ميان نواز شريف ڇو چونڊن ۾ التوا چاهي ٿو؟ واري سوال تي غور ڪجي ته ان جو هڪ سبب ته نواز شريف چونڊن لاءِ ميدان ۾ ان وقت وڃڻ چاهيندو، جڏهن ان جي عمر ڀر نااهلي وارو مامرو اهليت ۾ تبديل ٿي وڃي. نه رڳو ايترو پر نواز شريف کي جن ڪيسن ۾ سزا آئي آھي، اهي سزائون به ختم ٿي وڃن، نه ته انهن سزائن ڪري کيس جيل ۾ وڃي سزا ڪاٽڻي پوندي. اهو ئي سبب آھي ته نواز شريف ملڪ اچڻ بعد ڪيل خطاب ۾ چونڊن بابت ڪو ذڪر ڪرڻ گوارا نه ڪيو. اگر چونڊون فوري ٿين ٿيون ته نواز شريف چونڊن لاءِ ڪيئن اهل ٿي سگهي ٿو! اهو ئي سبب آھي ته نواز شريف پهريان پنهنجي چونڊ وڙهڻ اڳيان رڪاوٽون ختم ڪرائڻ بعد چونڊون چاهي ٿو. سوال هي آھي ته هڪ پارٽي يا هڪ شخص جي خواهش تي چونڊن کي دير جو شڪار ڪري سگهجي ٿو؟ ان سوال جو قانوني ۽ اخلاقي لحاظ سان جواب ته انڪار ۾ آھي پر اسان وٽ جيڪو لاڏلي جو خطاب يا درجو حاصل ڪري وٺندو آھي، ان جي خواهشن کي سڀني مٿان فوقيت اڳ به رهي آھي ۽ هن وقت به نظر اچي رهي آھي. هاڻي سڀني کي خاص طور تي پيپلزپارٽي کي اهو مامرو سمجهڻ گهرجي ته شهباز شريف پنهنجي حڪومت جي خاتمي کان هفتو ڏيڍ اڳ ڇو ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن جي منظوري ڏياري. ان کي لاڳو ڪرائڻ پويان مقصد ئي چونڊن ۾ نوي ڏينهن کان وڌيڪ دير ڪرائڻ هو.
خير اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊ ڪرائڻ جو اعلان ڪري چڪي آھي. اليڪشن ڪميشن لاءِ ان تاريخ کان يو ٽرن وٺڻ سولو ڪم نه هوندو. ائين جنوري تائين نواز شريف لاءِ سياسي ميدان ۾ اچڻ اڳيان پيل رڪاوٽون ختم ٿيڻ به ناممڪن مامرو ڀلي نه هجي پر مشڪل عمل ضروري آھي. ان ڪري “وقت گهٽ ۽ مقابلو سخت آھي” واري صورتحال نظر اچي رهي آھي. پيٽرول ۽ ڊالر جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيڻ بعد ڪجھ ناسمجھ ماڻهو سوشل ميڊيا تي اهي مطالبا ڪري رهيا آھن ته جمهوريت نه کپي. ائين شين جا اگھ گهث ڪري رليف ڏنو وڃي پر ملڪ جون معاشي حالتون ڪهڙي بحراني ڪيفيت ۾ آھن. انهن جو فيصلا ڪندڙ ڌرين کي چڱي ريت معلوم آھي. انهن حالتن ڪري ئي گهڻي وقت تائين چونڊن جو التو شايد مامرن کي وڌيڪ بگاڙي سگهي ٿو. ڏسجي ته ان حوالي سان فيصلو ڇا ٿئي ٿو پر چونڊون نه ڪرائڻ يا ان ۾ وڌيڪ دير ڪرڻ جو ڪو نه جواز آھي، نه ئي آئين ۽ ملڪي حالتون ان جي اجازت ڏين ٿيون.
2018 جي چونڊن کان اڳ نواز شريف نااهل ٿي ويو هو. هاڻي اهڙا خدشا عمران خان لاءِ ان جي پارٽي تحريڪ انصاف ظاهر ڪري رهي آھي. اوهان کي ٻڌايان ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آھي. خصوصي عدالت اڊيالا جيل ۾ ٿيل ٻڌڻي دوران انهن مٿان فرد جرم لاڳو ڪئي آھي، جنهن کان عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي انڪار ڪيو آھي. سائفر ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تي ٿيندي. سوال هي آھي ته عمران خان کي چونڊن کان ٻاهر رکي ڇا چونڊن کي تڪراري ٿيڻ کان بچائي سگهبو؟ اهو اهڙو سوال آھي، جنهن جو جواب هر سياسي ڌر پنهنجو ڏئي سگهي ٿي پر ان سوال جو جواب اڻ ڌريو اهو آھي ته عمران خان کي چونڊن کان ٻاهر رکي چونڊن کي تڪراري ڪرڻ کان بچائي نه سگهبو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ اندر سياسي عدم استحڪام ختم نه ٿي سگهندو. سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪ ۾ معاشي استحڪام ڪيئن ممڪن آھي؟ اسان جي ملڪ جي سياسي حلقن ۾ رڳو عمران خان جي مستقبل بابت بحث نه هلي رهيو آھي، سياسي بي اعتمادي جي فضا اهڙي آھي جو نواز شريف کي سزا مليل هجڻ باوجود حفاظتي ضمانت ڏئي ملڪ ۾ اچي سڪون سان جلسي کي خطاب ۽ سرگرميون شروع ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو، ان لاءِ به اڃان اهو بحث هلي رهيو آھي ته ڇا نواز شريف تي ڌڻي اعتماد ڪندا؟ هن وقت به اهي سوال اٿڻ جو مطلب اهو آھي ته جنهن لاءِ سمجهيو پيو وڃي ته ايندڙ حڪومت انهن جي آھي، پر خود انهن جي حلقن ۾ به خدشا موجود آھن. اهو ئي سبب آھي ته ڪجھ حلقا شهباز شريف قابل قبول هجڻ جون اڄ به ڳالهيون ڪري رهيا آھن. توڙي جو نواز شريف جي ملڪ ۾ چئن سالن بعد ڪيل خطاب شهباز شريف جي سوچ جو خطاب ئي هو پر نواز شريف جي ماضي جي ڪري ان مٿان اعتماد ڪرڻ مشڪل سمجهيو پيو وڃي. ڏسجي ته نواز شريف اقتدار ۾ اچڻ بعد ڌرين سان اختلاف ڪندو رهيو آھي، جنهن ڪري سندس حڪومتون به گهر ڀيڙو ٿينديون رهيون آھن. اگر ڪو ڪنهن جي مدد ۽ محنت سان اقتدار ۾ ايندو ۽ ان کي ئي اکيون ڏيکاريندو ته پوءِ اختلاف ٿيڻ کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ اسان جي ملڪ ۾ موجود سياسي پارٽين کي ڏسو ٿا ته انهن مان اڪثريت جي اها ڪوشش نظر اچي ٿي ته کين ڪو آشيرواد ملي وڃي. عوام جو ساٿ هاڻي انهن لاءِ ثانوي مامرو لڳي رهيو آھي يا عوامي حمايت سان گڏ انهن جي نظر ۾ ڌرين جي حمايت به عوامي حمايت جيتري ضروري آھي. اگر اهڙي سوچ پارٽين ۾ گهر ڪري ويندي ته پوءِ جمهوريت جي مضبوطي جو خواب ساڀيان ٿيڻ ڪيئن ممڪن ٿيندو؟ هائبرڊ نظام ۾ هائبرڊ طريقا ۽ سوچ هوندي. ائين جمهوريت کان دور ٿيندا وينداسين. هن وقت اڪثر سياسي پارٽيون پنهنجي ڪارڪردگي ڪري عوام ۾ اها به مقبوليت رکندي نظر نٿيون اچن، جيڪا انهن کي نوي جي ڏهاڪي ۾ هئي. انهن عوامي حمايت ڪيئن وڃائي؟ انهي مامري تي ڪوسوچڻ لاءِ به تيار نه آھي.