ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيب کي فوري طور بند ڪري عدالتن ۾ ڪيمرائون لڳائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته واپاري ۽ اعلي آفيسر سالن کان ڪيسن کي منھن ڏئي رھيا آھن، ھن وڌيڪ چيو ته مان نواز شريف جو استقبال نه ڪيو نه ئي موجوده سياست تحت اليڪشن وڙھڻ جو قائل آھيان، سندس چوڻ هو ته ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ناھي ڪئي وئي، ملڪ جا سياستدان، عدالتون ۽ فوجي قيادت گڏجي ويھي مسئلا حل ڪن، اليڪشن آئين ۽ قانون موجب ٿيڻ گھرجي، شاھد خاقان عباسي جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ملڪ جا واپاري ۽ اعليَ آفيسر ڪيترن ئي سال کا. ڪيسن ۾ عدالتن کي منھن ڏئي رھيا آھن، گذريل حڪومت نيب ۾ پنج ترميمون ڪيون، اڳوڻي چيف جسٽس سموريون ترميمون رد ڪري ڇڏيون، اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ ھو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڇا غلط ڪيو آھي، انصاف ڪٿي آھي، نيب جو ڪم جوڙ توڙ ڪرڻ آھي، ٻيو ڪجھ به ناھي بچيو، ھن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن  ملڪ جي اعلي آفيسرن کي انصاف نه ملندو ته باقي ڪنھن کي ملندو، حڪومت کي گذارش آھي ته نيب قانون کي ختم ڪيو وڃي، ان موقعي تي شاھد خاقان عباسي سميت ٻيا جوابدار احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب جي شاهدن کي طلب ڪندي ريفرنس جي ٻڌڻي 7 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته شاهد خاقان عباسي تي ايم ڊي پي ايس او جي غير قانوني مقرري جو الزام آهي.