اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام چيو آهي ته نواز شريف جي وطن واپسي تي خوش آمديد چئون ٿا. سياسي جماعتون پاڻ ۾ رسا ڪشي بند ڪن، ملڪ اهو برداشت نه ڪري سگهندو، ترجمان جي يو آءِ اسلم غوري چيو آهي ته ملڪ معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. سمورين سياسي جماعتن کي پاڻ ۾ ملي ملڪ کي اِن بحران مان ڪڍڻو پوندو. سياسي جماعتن وچ ۾ ڇڪتاڻ ملڪ جي لاءِ نقصانڪار آهي.