اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وفاقي ڪابينا ۾ هڪ وزير جو اضافو، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پوليٽيڪل سيڪريٽري رهندڙ اڳوڻو ڪامورو فواد حسن فواد نگران وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو،  فواد حسن فواد کي نگران ڪابينا ۾ وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو، صدر عارف علوي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي ايڊوائيس تي فواد حسن فواد جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب فواد حسن فواد کي جلد وزارت جو قلمدان ڏنو ويندو، فواد حسن فواد چيو آهي ته اڄ وزيراعظم سان ملاقات ڪندس، جيڪا به ذميواري ملندي ان کي ايمانداري سان ادا ڪندس. ذريعن موجب فواد حسن فواد کي نگران وفاقي وزير بڻايو ويو، نجڪاري جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪابينا ڊويزن وفاقي وزير ڪوثر عبدالله ملڪ کي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جو قلمدان ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.