نواز شريف جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ وارا حڪم واپس

0
84
نواز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش
نواز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ نواز شريف جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ وارا حڪم واپس وٺي ڇڏيا

عدالت نواز شريف جون ضبط ڪيل جائدادون ۽ اثاثا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جون ملڪيتون، گاڏيون ۽ بينڪ اڪائونٽس واپس ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا

احتساب عدالت نواز شريف کي روپوش جوابدار قرار ڏيڻ بعد ملڪيتون ضبط ڪرڻ جا حڪم 2020 ۾ جاري ڪيا هئا

عدالتي حڪم بعد نواز شريف جي لاهور ۾ 16 سئو 65 ڪنال کان وڌيڪ زرعي زمين ۽ لگزري گاڏيون ضبط ڪيون ويون هيون