لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن چونڊ جلسن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ڪالهه لاهور ۾ سياسي پاور شو ڏيکاريو ويو، نواز ليگ جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائزير مريم نواز چيو آهي ته 21 آڪٽوبر تي نواز شريف هڪ فرد نه پر پاڪستان جي ترقي خوشحالي واپس اچي رهي آهي.  لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اسان جي ملڪ کي ڪنهن جي ضرورت آهي؟ ن ليگ مشڪلات باوجود عوام جو ساٿ ناهي ڇڏيو. 21 آڪٽوبر تي نواز شريف مينارِ پاڪستان تي ايندو. عوام جو نواز شريف سان محب ت جو رشتو آهي.  هن چيو ته نواز شريف کان سڀ ڪجهه کسيندڙ اڄ عبرت جو نشان بڻيل آهن. نواز شريف کي ختم ڪرڻ جي گھڻا ڀيرا ڪوشش ٿي، پر هاڻي اڳ کان وڌيڪ طاقتور بڻجي واپس اچي رهيو آهي. نواز شريف چوي ٿو ته مون پنهنجو معاملو الله تي ڇڏيو آهي، جن ماڻهن چيو نواز شريف جي سياست ختم ٿي وئي آهي اهي ڏسن ته هو واپس اچي رهيو آهي. مريم نواز چيو ته نواز شريف جيلون ڪاٽيون، ذاتي نقصان بردساشت ڪيا، پر عوام سان گڏ رهيو، ساٿ نه ڇڏيو. هڪ ليڊر تي ڏکيو وقت آيو ته سندس پارٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي.  هن چيو ته نواز شريف جي واپسي تي آجيان جون تياريون سڄو پاڪستان ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي سيني کي زخم رسيا، انهن زخمن تي مرهم رکڻ وارو نواز شريف واپس موٽي رهيو آهي. نواز شريف کي ڪڍي عوام جو مستقبل کسيو ويو هو، هاڻي ٻيهر عوام کي ترقي نصيب ٿيندي.  مسلم ليگ ن جي جلسي ۾ مريم نواز اسٽيبلشمينٽ توڙي پنهنجي مخالفن تي تنقيد نه ڪئي.