لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف ايندڙ مهيني ڏيهه موٽڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب نواز شريف ڪالهه پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ۾ پهريون ڀيرو وطن واپسي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. پارٽي گڏجاڻي ۾ شهباز شريف، چوڌري تنوير، دانيال چوڌري، چوڌري نديم خادم ۽ ڊاڪٽر انجم شريڪ هئا. ذريعن موجب نواز شريف جي واپسي جي حتمي تاريخ جو 10 ڏينهن اندر ڪيو ويندو.