لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوازشريف انتقام وٺڻ لاءِ نه پر ملڪ کي خوشحال ڪرڻ لاءِ وطن واپس اچي رهيو آهي، نواز شريف ترقي جي سفر کي ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ واپس اچي رهيو آهي، 21 آڪٽوبر تي نواز شريف جو تاريخي استقبال ڪرڻو آهي، نواز شريف 21 آڪٽوبر تي مينار پاڪستان تي پنهنجو ڪيس الله تي ڇڏي ڏيندو، سڀني کي خبر آهي ته ڪهڙن ادارن نواز شريف سان بيواجبي ڪئي، پارٽي ڪارڪن طور ساهه ڏيڻ چاهيان ٿو.  اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جو  لاهور ۾ نون ليگ جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته 2018 ۾ سازشي ٽولي پاڪستان جي ترقيءَ جو سفر روڪي ڇڏيو هو، 2023 ۾ ترقيءَ جو روڪيل سفر ٻيهر شروع ٿيڻ وارو آهي، عوام پنهنجي محبوب ليڊر نواز شريف جي وطن واپسيءَ جو منتظر آهي، 21 آڪٽوبر تي لاهور ۾ سموري ملڪ جو عوام نواز شريف جي تاريخي آجيان لاءِ پهچندو. هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي نالي ڪا شيءِ نه هئي، نواز شريف کي اقتدار کان ڌار نه ڪيو ويو پر عوام کان خوشحالي کسي وئي، ترقي جي سفر کان محروم ڪيو ويو، نواز شريف قوم جي زخمن تي مرهم رکڻ لاءِ پاڪستان اچي رهيو آهي،  نواز ليگ جي صدر شهباز شريف پنهنجي چونڊ تڪ جو دورو ڪيو.