اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو( قومي اسيمبلي جو سڀاڻي اجلاس ٿيندو جيڪو موجوده 16 هين قومي اسيمبلي جو 14 هون سيشن ۽ ٻئي پارلياماني سال جو پهريون اجلاس ٿيندو، مڪمل ٿيل پهرين پارلياماني سال دوران قومي اسيمبلي جا 93 ڏينهن ۽ گڏيل پارليامينٽ جا ٻن ڏينهن جا اجلاس ٿيا، پهرين پارلياماني سال دوران مجموعي طور تي ٿيندڙ 95 اجلاسن دوران قومي اسيمبلي ۾ موجود سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ پارلياماني ليڊرن مان ڪيترن ئي پارٽي سربراهن ۽ پارلياماني ليڊرن جي حاضري انتهائي مايوس ڪندڙ رهي . پهرين مڪمل ٿيل پارلياماني سال دوران سڀ کان وڌيڪ غير حاضر رهڻ جو رڪارڊ ن ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف قائم ڪيو، قومي اسيمبلي جي حاضري رڪارڊ جي پنهنجي اخبار پاران ورتل جائزي دوران انڪشاف ٿيو آھي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف مجموعي طور 95 اجلاس مان رڳو پنج اجلاسن ۾ شريڪ ۽ 90 اجلاسن ۾ غير حاضر رهيو . حاضري رڪارڊ جي جائزي سان وزير اعظم شهباز شريف جيڪو قومي اسيمبلي جو قائد ايوان آھي ان جي حاضري به گهٽ ظاهر ٿي آھي، وزير اعظم پهرين پارلياماني سال دوران رڳو 19 اجلاسن ۾ شريڪ ۽ 76 اجلاسن مان غير حاضر رهيو، موجوده قومي اسمبلي جي پهرين سال جي اجلاسن ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب 77 اجلاسن ۾ حاضر ۽ 18 اجلاسن ۾ غير حاضر رهيو . پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري مجموعي طور تي ٿيل 95 اجلاسن مان رڳو 20 اجلاسن ۾ حاضر ۽ 75 اجلاسن ۾ غير حاضر رهيو . پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر زرتاج گل 75 اجلاسن ۾ شريڪ ۽ 20 اجلاسن ۾ غير حاضر رهي . جي يو آءِ ف جو سربراهه مولانا فضل الرحمان 11 اجلاسن ۾ حاضر ۽ 84 اجلاسن ۾ غير حاضر رهيو . مسلم ليگ ن جو پارلياماني ليڊر خواجه آصف 68 اجلاسن ۾ شريڪ ۽ 27 اجلاسن ۾ غير حاضر رهيو.پختونخوا ملي عوامي پارٽي جو سربراهه محمدود خان اچڪزئي 74 اجلاسن ۾ شريڪ 21 اجلاسن ۾ غير حاضر رهيو .باپ پارٽي جو پارلياماني ليڊر خالد مگسي 78 اجلاسن ۾ شريڪ ۽ 17 اجلاسن ۾ غير حاضر رهيو . ايم ڪيو ايم جو خالد مقبول صيقي 49 اجلاسن ۾ شريڪ ۽ 46 اجلاسن ۾ غير حاضر رهيو .جڏهن ته پهرين پارلياماني سال جي مجموعي طور تي 95 اجلاسن مان پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر 83 اجلاسن ۾ شريڪ ۽ 12 اجلاسن ۾ غير حاضر رهيو . مسلم ليگ ضياءَ الحق جي اعجاز الحق 71 ، استحڪام پاڪستان پارٽي جي عليم خان 31 ، مسلم ليگ ق جي چوڌري سالڪ 23 ، مجلس وحدت المسلمين جي پارلياماني ليڊر حميد 88 ۾ شرڪت ڪئي .
عورتون حاضري ۾ مردن کان اڳتي: 49سيڪڙو پارلياماني ايجنڊا به پيش
اسلام آباد: پارلياماني سال 2024-25ع ۾ 49 سيڪڙو پارلياماني ايجنڊا عورتن پيش ڪئي، عورتن جي حاضري مردن کان وڌيڪ رهي، پارليامينٽ ۾ عورتن جو تعداد 17 سيڪڙو آهي، فافن جي رپورٽ موجبقومي اسيمبلي ۾ عورتن جي پيش ڪيل 67 سيڪڙو ۽ مردن جي پيش ڪيل 66 ايجنڊا اسمن تي غور ٿيو، قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي حاضري 75 سيڪڙو ۽ مردن جي 63سيڪڙو رهي، سينيٽ ۾ عورتن جي حاضري 67 سيڪڙو ۽ مردن جي 64 سيڪڙو رهي، پ پ سينيٽر حسنا بانو جي حاضري 90سيڪڙو رهي، قومي اسيمبلي ۾ آصفه ڀٽو جي حاضري 42سيڪڙو رهي، ، مسرت رفيق مهيسر جي حاضري 92سيڪڙو، خالده اطيب جي حاضري 70 سيڪڙو رهي، سينيٽر پلوشه جي حاضري 85 سيڪڙو رهي، روبينا قائمخاني جي حاضري 64سيڪڙو، شيري رحمان جي حاضري 80سيڪڙو، نفيسه شاهه جي حاضري 82سيڪڙو، سحر ڪامران جي حاضري 96 سيڪڙو رهي، شرميلا فاروقي جي حاضري 86سيڪڙو، مهتاب اڪبر جي حاضري 73سيڪڙو، ڊاڪٽر مهرين ڀٽو جي حاضري 77سيڪڙو، شازيه صوبيه اسلم سومرو جي حاضري 90سيڪڙو رهي. ناز بلوچ جي حاضري 57 سيڪڙو، نگهت شڪيل جي حاضري 96سيڪڙو رهي، سبين غوري جي 91سيڪڙو حاضري رهي، قرت العين مري جي حاضري 48 سيڪڙو رهي.
وزيراعظم طور شهباز شريف ۽ نواز شريف حاضري ۾ عمران کان پوئتي
اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف جي حاضري مجموعي طور تي 18 سيڪڙو ٿئي ٿي جڏهن ته ان کان اڳ 15 قومي اسمبلي مان وزير اعظم چونڊجندڙ عمران خان جي بطور وزير اعظم حاضري 19 سيڪڙو هئي، جڏهن ته 14 قومي اسمبلي ۾ بطور وزير اعظم ميان نواز شريف جي حاضري رڳو 7 سيڪڙو رهي هئي .