راولپنڊي (م ڊ) اڊيالا جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ن ليگ قائد نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين اڊيالا جيل ۾ پنهنجي وڪيلن سان هڪ ڪلاڪ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سندس خلاف ڪيسن، ملڪي صورتحال ۽ نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي ڳالهه ٻول ٿي. وڪيل سلمان اڪرم راجا صحافين کي ٻڌايو ته عمران خان جي صحت بهتر ۽ حوصلا بلند آهن، ملاقات ۾ تفصيلي گفتگو ٿي، کيس نواز شريف جي واپسي کان به آگاهه ڪيو ويو. وڪيل موجب ملاقات ۾ نواز شريف جي واپسي تي عمران خان چيو ته لنڊن پلان تي عمل ٿي رهيو آهي، سزا يافتا شخص کي ريڊ ڪارپيٽ رليف ڏنو پيو وڃي.