اسلام آباد: نواز شريف کي وطن واپس کڻي ايندڙ جهاز اميد پاڪستان هڪ ڪلاڪ 34 منٽ دير سان 11 لڳي 4 منٽن تي دبئي ايئرپورٽ تان روانو ٿيو. نواز شريف 4 سالن بعد وطن واپس پهتو آهي، خاص جهاز اسلام آباد ايئرپورٽ تي لينڊ ٿيو، ٻڌايو ويو هو ته خاص جهاز ساڍي 12 وڳي پاڪستان پهچندو جڏهن ته جهاز ڏيڍ وڳي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي نواز شريف تقريبن ٻن ڪلاڪن تائين قيام ڪيو. اڳوڻي وزير اعظم جو جهاز ايف زيڊ 4525 بندر عباس واري رستي کان ايران مان داخل ٿيندو پنجگوڙ ويجهو پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيو، اسلام آباد ايئرپورٽ جي ايئر ريڊار ۾ داخل ٿيڻ تي ٽريفڪ ڪنٽرول نواز شريف جي جهاز کي خوش آمديد ڪيو ۽ جهاز کي اسلام آباد ۾ لينڊنگ لاءِ گرين سگنل ڏنو ويو. اڳوڻي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف سان گڏ 148 مسافر خصوصي جهاز ۾ پاڪستان آيا، جڏهن ته مسلم ليگ ن جو اڳواڻ عرفان صديقي، ناصر جنجوعه، ڊاڪٽر عدنان به ان سان گڏ هيو.