ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) نواز ليگ جي قائد ميان نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي ڏيهه واپسي تي سندس آجيان لاءِ سنڌ مان لاهور ويندڙ ڪارڪنن جي تيارين لاءِ جوڙيل ڪاميٽي جو اجلاس ڪالهه نواز ليگ ھائوس تي ڪاميٽي جي ڪنوينر بشير ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنهن ۾ نواز ليگ سنڌ جي صدر شاهه محمد شاھه، اڳوڻي ايم اين اي کيئل داس ڪوھستاني ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پارٽي سربراھه جي آمد وقت سندس آجيان لاءِ پلاننگ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻئي طرف بشير ميمڻ نواز ليگ بزنس فورم جي اڳواڻ اشتياق بيگ سان ملاقات ڪئي.