ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نواز ليگ جي اڳوڻي سينيٽر نھال ھاشمي، راجا انصاري ۽ خالد شيخ چيو آهي ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو دفن ٿي چڪو آهي، هاڻ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ بدران ھارين کي ڏنيون وڃن، ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھنن چيو ته ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سهڪار سان پاڪستاني معشيت بھتري طرف وڃي رھي آھي، جيڪا ڳالهه ڪجهه ماڻھن کي پسند ناھي، انهي ڪري اسان کي بين الاقوامي سطح تي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش پئي وڃي. راجا انصاري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ماڻهن جو آواز ٻڌي سي سي آءِ جو اجلاس سڏائي تڪڙا قدم کنيا، سي سي آءِ جي فيصلي کي وڪيلن ساراهيو، رڳو سنڌو درياءُ بچايو ڪاميٽي وارا پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ سي سي آءِ جي فيصلي تي واويلا ڪن پيا، هن چيو ته ماضي ۾ ڪراچي ۾ بدامني جي باھ ٻريل هوندي هئي، نواز شريف شهر ۾ امن ڪرايو، هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو ترقي جا مخالف ناھن، اسان سنڌ جي قومپرست جماعتن سان ملاقاتون ڪنداسين.