ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته پيپلزپارٽي بيڪ ڊور واري سياست ( چور دروازي) تي يقين نٿي رکي، نواز شريف کي 4 سال ٻاهر ويهڻ بدران ملڪ ۾ رهي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي ها، لڳي پيو ته ميان صاحب پنجاب کان مايوس ٿي سنڌ ۾ اچي رهيو آھي، ڪالهه سٽي ڪورٽ ۾ پيپلز لائرز فورم جي ميمبرشپ مهم دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو، جنهن کي معطل يا ختم نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته گذريل ٽن ڏينھن ۾ رڪنيت سازي مهم دوران 1000 نوان وڪيل پ پ جو حصو بڻيا آهن،