لاهور: (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نوازشريف جي اڳواڻي ۾ ملڪ کي معاشي طاقت بنائينداسين، جڏهن ته عوام کي مهانگائي کان ڇوٽڪار ڏيارڻ اولين ترجيح آهي. گذريل ڏينهن شهباز شريف پارٽي اڳواڻ امير مقام ۽ مدثر قيوم ناهره سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته (ن) ليگ هميشه جيان هن ڀيري به قوم جي اميدن تي پورو لهندي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عام چونڊن ۾ 21 آڪٽوبر جي جذبي ۽ تاريخي عزم سان لهنداسين، عوام کي مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جي لاءِ اولين ترجيح آهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پارٽي اڳواڻ نوازشريف جي قيادت ۾ ملڪ کي معاشي طاقت بنائينداسين. ياد رهي ته مسلم ليگ(ن) 21 آڪٽوبر تي لاهور جي گريٽر اقبال پارڪ ۾ نوازشريف جي 4 سالن کان پوءِ ملڪ واپسي تي جلسو ڪيو هو جنهن ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي هئي.