لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف جا لاهور جي قومي تڪ اين اي 130 تي فارم منظور ٿي ويا آهن. ن ليگ اڳواڻ بلال ياسين پارٽي قائد جا ان تڪ تان نامزدگي فارم جمع ڪرايا هئا گذريل ڏينهن بلال ياسين پارٽي قائد جي وڪيل امجد پرويز سان گڏ آر او آفيس ۾ پيش ٿيوجٿي رٽرننگ آفيسر نامزدگي فارم منظور ڪري ورتا، بلال ياسين موجب اين اي 130 نواز شريف جو اباڻو تڪ آهي، اڳ به ڪامياب ٿيو هو