ڄام شورو ( رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف پيپلزپارٽي جي نامياري سينيئر سياستدان نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف چيو آهي ته نواب يوسف ٽالپر  جي سياسي جدوجھد مثالي هئي، سندس سياسي خدمتن جو ڪو مثال نٿو ملي، هن چيو ته نواب يوسف ٽالپر جون سياسي خدمتون ڪنهن کان ڳجھيون ناهن.مخدوم سعيد الزمان وڌيڪ چيو ته مرحوم نواب يوسف ٽالپر بهترين سياستدان سان گڏوگڏ شفيق انسان پڻ هو. نواب يوسف ٽالپر جا مخدوم خاندان سٺا لاڳاپا هئا. الله تعالي سندس درجا بلند ڪرڻ فرمائي ۽ سندس مغرفت فرمائي کيس جنت الفردوس عطا ڪري ۽ سندس پونيئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين.