ڪنري(ن پ ا) اڳوڻو وفاقي وزير، سينيئر سياستدان، چار مارچ جي هيرو، ايم آر ڊي جي اسير ۽ ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر جو ٽيجھو ڳوٺ مانجھاڪر ۾ ٿي گذريو، ٽيجھي ۾ صوبائي وزيرن سيد ناصر شاهه، سيد ذوالفقار شاھه، مير طارق ٽالپر، مڪيش چاولا، وفاقي وزير فهد هارون، ايم اين اي نويد قمر، ملڪ اسد سڪندر، مهيش ڪمار ملاڻي، ايم اين اي شازيه رحماني، ايم پي اي امداد پتافي، قاسم سراج سومرو، پارس ڏيرو، پير مجيب، راڻا همير سنگھه، ويرجي ڪولهي، ڊاڪٽر نور علي شاھه، پ پ پ اڳواڻ مڌن لال ساماڻي، سميت وفاقي وزيرن، ايم اين ايز، سينيٽرز، ايم پي ايز ۽ صوبائي وزيرن، سياسي سماجي ماڻھن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٽيجھي ۾ نواب يوسف ٽالپر جي اعليٰ مقام ۽ مغفرت جي دعا گهري وئي، ان موقعي تي مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، نواب يونس ٽالپر، نواب شھمير ٽالپر سميت گھر ڀاتين سان عذرخواهي ۽ ھمدردي جو اظهار پڻ ڪيو ويو. هوڏانھن صوبائي وزير ناصر شاھه، مڪيش چاولا ۽ امداد پتافي هيليڪاپٽر وسيلي مانجھاڪر پھتا هئا جڏھن ته سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.