ڪنري(ن پ ا) سينيئر سياستدان ۽ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي تعزيت جو سلسلو جاري، مختلف اڳواڻن پاران تڏي تي پھچي تعزيتون، نواب يوسف ٽالپر جو وڇوڙو سنڌ لاءِ وڏو نقصان قرار. خبر موجب چار مارچ جي هيرو، سينيئر سياستدان، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي تعزيت جو سلسلو جاري آھي، ڳوٺ مانجھاڪر ۾ وڇايل تڏي تي سندس فرزندن ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، ميمبر ضلع ڪائونسل محمد يونس ٽالپر، نواب شھمير ٽالپر ۽ سندس خاندان سان مختلف ايم اين ايز، ايم پي ايز، سياستدانن، سياسي سماجي شخصيتن، آفيسرن ۽ علائقي واسين پاران وڏي انگ ۾ پھچي عذر خواهي ڪئي وئي، تڏي تي اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ سينيٽر رضا رباني، تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاھه، سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، ايم اين اي ۽ جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا پير امير علي شاھه جيلاني، وڏي وزير جي خاص معاون احسان مزاري، ايم پي ايز امتياز شيخ، قاسم سراج سومرو، ارباب لطف الله، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، اعجاز شاھه، ڊاڪٽر سھراب سرڪي، بھادر ڏاھري ۽ ٻين پاران ڳوٺ مانجھاڪر پھچي نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي سندس فرزند نواب تيمور ٽالپر، نواب يونس ٽالپر سان تعزيت ڪئي، ايم پي اي راڻا ھمير سنگھه، اڳوڻي ايم اين اي گل محمد جکراڻي، اڳوڻو ايم اين اي لال مالهي، ايوان زراعت جي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي، ڄام مدد علي جوکيو، اسد مينگل، پ پ اڳواڻن مڌن لال سوماڻي، حاجي بقا پلي، ڪامريڊ نند لال مالھي ۽ ٻين تڏي تي پھچي عذرخواهي ڪئي، اڳواڻن پاران نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي گھري ڏک ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته نواب يوسف سنڌ جو سگهارو آواز هو، جيڪو ڪالھه پڄاڻي تي پھتو آھي، پاڻي، زراعت جي مسئلي تي نواب يوسف قومي توڙي صوبائي اسيمبلي فلور تي سڀ کان وڌيڪ آواز اٿاريو، هنن چيو ته نواب يوسف ڏاھپ ۽ ڄاڻ رکندڙ شخصيت هو، نواب يوسف جو وڇوڙو ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌين جو وڏو نقصان آھي ۽ اھڙا املھه ھيرو ۽ ڪردار صدين ۾ جنم وٺن ٿا، ٻئي پاسي نواب يوسف ٽالپر جو ٽيجھو اڄ ڳوٺ مانجھاڪر  ۾ ٿيندو.