نوابشاهه(رپورٽر) پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز فار وومين جو ستون ڪانووڪيشن يونيورسٽي جي لطيف هال ۾ منعقد ٿيو، ڪانووميشن ۾ 500 کان وڌيڪ شاگردياڻين کي ايم بي بي ايس، بي ايس نرسنگ، ڊاڪٽر آف فارميسي، ڊاڪٽر آف فزيوٿراپي، بي ايس پبلڪ هيلٿ ۽ مختلف شعبن ۾ ماسٽرس جون ڊگريون ڏنيون ويون، جڏهن ته پنهنجي شعبن ۾ ٽاپ ڪندڙ ڇهن شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل ۽ پنج شاگردياڻين کي سلور ميڊل ڏنا ويا، ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ چيو ته پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي پاڪستان جي وڏين يونيورسٽين مان هڪ آهي، پنج سال اڳ جڏهن مون کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هو ته يونيورسٽي مختلف شعبن ۾ 16 ڊگريون پيش ڪري رهي هئي، پر اڄ هي يونيورسٽي مختلف شعبن ۾ 70 ڊگريون پيش ڪري رهي آهي، مون کي خوشي آهي ته هن يونيورسٽي مان ايم بي بي ايس ۽ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر عملي طور تي انسانيت جي خدمت ۾ مصروف هوندا ۽ پنهنجي والدين جي خوابن کي پورو ڪندا، ڪانووڪيشن جي خاص مهمان سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع چيو ته پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي طبي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، اڄ مان يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيان ٿو جيڪي پنهنجي گريجوئيٽ ڊگريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ فارغ ٿيا آهن ڇو ته اڄ انهن جو پنهنجي ٻارن کي ڊاڪٽر بڻائڻ جو خواب پورو ٿيو آهي، ڪانووڪيشن ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ، خاص مهمان ڊاڪٽر طارق رفيع، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ۽ ٻين کي يادگار شيلڊون پيش ڪيون، ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صالح خاصخيلي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي سهيل، پروفيسر ڊاڪٽر علي رضا بروهي، پروفيسر ڊاڪٽر علي اڪبر سيال ۽ ڊاڪٽر شاهده بلوچ پڻ خطاب ڪيو.