نوابشاهه ۾ پيش آيل دردناڪ واقعو

0
26
خوف کي فتح ڪندڙ قوم کي مطيع بڻائي نٿو رکي سگهجي

نوابشاهه جي ايئر پورٽ ٿاڻي جي حد وي آءِ پي روڊ غريب آباد ۾ سڳي ماءُ ڪومل شيخ پنھنجي ٻن جاڙن پٽن جا تيز ڇريءَ سان بي درديءَ سان ڳلا ڪپي ڇڏيا. ٻارڙن جي والد عاصم جاويد موجب، سندس گھرواريءَ جو ذھني توازن ٺيڪ ناھي، سندس علاج ھلندڙ ھو، ڪومل شيخ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي، معصوم ٻارڙن کي قتل ڪندڙ ماءُ ميڊيا اڳيان قتل جو اعتراف ڪندي چيو ته، ٻئي ٻار جڏھن ٽيوشن تان واپس آيا ته هن انھن کي سمھارڻ جي بھاني انھن کي گھٽو ڏيڻ بعد تيز ڇريءَ سان انھن جا ڳلا ڪٽي ڇڏيا.

اهو انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ معاملو آهي، جڏهن ڪا ماءُ، جيڪا نفسياتي طور تي بيمار هجي، پنهنجن ئي ٻارن کي نقصان پهچائي يا قتل ڪري. هن قسم جا واقعا سماج، خاندان ۽ خاص طور تي ماءُ جي نفسياتي حالت تي وڏا سوال اٿارين ٿا. اهڙي صورتحال جي سببن ۽ ان جي اثرن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي نفسياتي صحت، سماجي حالتون، ۽ گهر جي اندروني ماحول کي ڏسڻو پوندو. ماءُ کي شديد ڊپريشن، شيزوفرينيا، يا پوسٽ پارٽم ڊپريشن جهڙيون بيماريون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي ان جي فيصلن ۽ عملن کي متاثر ڪن ٿيون. غربت، گهرو تشدد، يا سماجي حمايت جي کوٽ ماءُ کي ذهني طور ڪمزور ڪري سگهي ٿي. نفسياتي علاج ۽ مدد نه ملڻ سان ماءُ جو رويو وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿو. گهريلو ڇڪتاڻ يا سماجي اڪيلائي هن قسم جا انتهائي قدم کڻڻ لاءِ هموار ڪري سگهن ٿيون. ان سان سماج ۾ خوف ۽ بي اعتمادي پيدا ٿيندي. اهڙن واقعن سان قانوني ۽ اخلاقي نظام تي پڻ سوال اٿن ٿا.

سماج ۾ نفسياتي بيمارين جو وڌندڙ رجحان هڪ سنگين مسئلو بڻجي ويو آهي. ڊپريشن، اينگزائٽي، بائيپولر ڊس آرڊر ۽ ٻين ذهني بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي تعداد ۾ واڌ صرف ذاتي زندگيءَ تي اثر نه ٿي وجهي، پر سماجي ماحول ۾ به منفي تبديليون آڻي رهي آهي. بدقسمتيءَ سان، عام ماڻهن لاءِ نفسياتي علاج تائين رسائي اڃا به وڏي رڪاوٽ آهي. سرڪاري سطح تي نفسياتي علاج جون سهولتون محدود آهن ۽ خانگي شعبي ۾ علاج ايترو مهانگو آهي جو هڪ عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر آهي. نفسياتي ماهرن ۽ اسپتالن جي کوٽ، علاج لاءِ مناسب ڄاڻ جي اڻهوند ۽ معاشرتي بدنامي واري احساس سبب ڪيترائي ماڻهو علاج کان محروم رهجي وڃن ٿا. ان جي نتيجي ۾ نه رڳو مريضن جو معيارِ زندگي خراب ٿئي ٿو، پر نفسياتي بيمارين جي ڪري سماج ۾ ڏوهن ۾ واڌ جو رجحان به سامهون اچي رهيو آهي. نفسياتي مسئلن ۾ مبتلا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن جذباتي ۽ ذهني دٻاءُ سبب ڏوھ طرف مائل ٿي وڃن ٿا. قتل، تشدد، ۽ ٻيا ڏوهه، جيڪي نفسياتي دٻاءُ يا بيمار ذهني حالت جي ڪري ٿين ٿا، انهن جو اثر پوري سماج تي پوي ٿو. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته، نفسياتي صحت بابت شعور پيدا ڪيو وڃي، سرڪاري سطح تي نفسياتي علاج جون سهولتون وڌايون وڃن. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نفسياتي صحت جي حوالي سان ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي. جيستائين نفسياتي صحت کي ترجيح نه ڏني ويندي، تيستائين اسان جو سماج هن مسئلي جي اثرن کان محفوظ نه ٿي سگهندو. نفسياتي صحت هر فرد جو بنيادي حق آهي ۽ ان ڏانهن لاپرواهي ڪنهن به طرح قابل قبول نه آهي.

هر معاملي جا ٻين سببن سان گڏ نفسياتي سبب پڻ هوندا آهن پر صرف نفسياتي سببن کي ئي ڪنهن واقعي جو واحد محرڪ ڄاڻائي ٻين سمورن سببن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ڪنهن به صورت ۾ ڏاهپ نه چئبي. ان ڪري نوابشاهه ۾ ماءُ جي هٿان ٻن معصوم ٻارڙن جي مبينا قتل واري واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هر واقعي لاءِ نفسياتي مسئلن جو بنياد بنائڻ ۽ گهڻ رخي جاچ ڪرڻ کان لنوائڻ پوليس جي روايتي اٽڪل رهندي آئي آهي، جنهن جي پٺيان سهل پسندي ئي نظر اچي ٿي. ٻارڙن جي قتل جي الزام هيٺ آيل ماءُ جي طبي/نفسياتي چڪاس ماهر ڊاڪٽرن کان ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن حقيقت سامهون اچي سگهي.