نوابشاهه(بيورو رپورٽ) نوابشاهه جي وومين اينڊ چلڊرين ٿاڻي جي لاڪپ ۾ عدالتي پرڻو ڪندڙ نوجوان ناري صدرت المنتهيٰ جي اوچتو حالت انتهائي تشويشناڪ ٿيڻ بابت انڪشاف ٿيو هو ۽ اهي چوٻول هُئا ته ناري کي لاڪپ اندر زهر ڏنو ويو آهي. انهي سلسلي ۾ جڏهن ميڊيا پاران وومين ٿاڻي جي ايس ايچ او مريم ڀرٽ کان اصل حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو ته هن اهڙو ڪو به واقعو ٿيڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ان معاملي جي ايف آءِ آر ۾ فريادڻ خود ايس ايچ او مريم ڀرٽ آهي، اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مذڪوره ناري پنهنجي خوشي سان اسامه ولد مقصود احمد آرائين سان سول جج ڪراچي ايسٽ ۾ بيان قلم بند ڪرايو جنهن بعد 13.9.2013 تي صدرت المنتهيٰ جي ميڊيڪل رپورٽ ڪرائڻ بعد اسان ناري کي سول جج ۽ جوڊيشل ميجسٽريٽ ون نوابشاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت سڳوري ناري کي سندس مڙس اسامه حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسامه پنهنجي زال کي وٺڻ عدالت ۾ حاضر نه ٿيو، جنهن بعد پوليس جي بالا آفيسرن کي رپورٽ پيش ڪئي وئي انهن حڪم ڪيو ته ٻيهر صدرت المنتهيٰ کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن بعد اسان 16.9.2023 ڇنڇر ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو، جِتي صدرت المنتهيٰ جي والد گل حسن رند سندس پُٽن زبير رند، جنيد رند، زوهيب رند، خالد ولد واحد بخش رند ۽ هڪ اڻڄاتل شخص عدالت جي احاطي ۾ آيا ۽ عدالت جي ورانڊي ۾ بيٺل صدرت المنتهيٰ کي منرل واٽر جي بوتل ڏني وئي، جنهن مان ناري پاڻي پيتو ۽ پوليس اهلڪار افسانه ٻگهيو پڻ ٿورو پاڻي انهي بوتل مان پيتو، جنهن بعد ٻنهي جي حالت خراب ٿي وئي. انهي دوران اسان گل حسن رند ۽ ٻين کي حراست ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي فرار ٿي ويا. ان بعد صدرت المنتهيٰ ۽ پوليس اهلڪار افسانه ٻگهيو کي علاج لاءِ پي ايم يو اسپتال نوابشاهه کڻائي وياسين.

نوابشاهه: ذريعن وٽان اهو به معلوم ٿيو آهي ته پوليس جي سموري ڪوڙي ڊرامي جي پت وائکي ٿيڻ بعد ليڊيز پوليس متاثر ناري کي نوابشاهه ۾ سيف هائوس هئڻ باوجود ڳجهه ڳوهه ۾ دارلاامان حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو آهي.