نوابشاهه (بيورو رپورٽ) شاھپور چاڪر واسي سماجي اڳواڻ سرور ڏاھري گھر مان ٿيل چوري جي واپسي لاءِ زاهده ڏاهري، گھرواري آسيا ڏاھري، 4 ڌيئرن ناياب، انمول، دعا ۽ ارتقا سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو، هن دانھيو ته مھينو اڳ رات جي وقت نامعلوم چور گهر مان سامان چوري ڪري ويا، ٽن نامعلوم ماڻھن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي پر پوليس نه جوابدار گرفتار ڪيا آهن ۽ نه ئي چوري واپس ڪرائي آهي، هن چيو ته ايس ايچ او بدتميزي ڪندي گارگند ڪئي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي، هن چوري واپس ڪرائڻ جي گهر ڪئي.