نواب شاهه(بيورو رپورٽ) شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي شاگرد حنان عباسيءَ جي گرفتاريءَ خلاف شاگرد ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. اي سيڪشن ٿاڻي جي  حد ۾ شھيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي وي سي مدد علي شاهه خلاف شاگردن سخت نعريبازي ڪري  احتجاجي  ڌرڻو  ھڻي ويھي رھيا ٽائرن کي باهيون ڏنيون جنهن ڪري روڊ بند ٿي ويو. پوليس جي وڏي نفري پھچي وئي. ناصر شاهه، علي رضا خاصخيلي، ڪاشف لاکو ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته يونيورسٽي جو  شاگرد حنان عباسي جيستائين آزاد نه ٿيندو تيستائين روڊ نه کلندو. يونيورسٽي انتظاميه شاگرد کي بي گناھ گرفتار ڪرايو آھي. گرفتار شاگرد تي الزام آھن ته يونيورسٽيءَ جو ماحول خراب ڪري ٿو ۽ جھيڙا ڪرائي ٿو. ڳالهيون ناڪام ٿيڻ تي پوليس لاٺي چارج ڪيو. ناصر شاهه، علي رضا خاصخيلي، بابو سنڌي، نوشاد مھر سميت پندرھن شاگردن کي پوليس لاٺي چارج ڪري پوليس گاڏين ۾ وجھي مختلف ھنڌن ڏانھن  کڻي وئي. رات دير تائين احتجاج جاري هو.