نوابشاهه (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قافلي جي صورت ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ زيرو پوائنٽ وٽ لڳل استقباليه ڪيمپ تي پھتو، جتي پارٽي اڳواڻن  ضياءَ الحسن النجار سميت سوين ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران جيئي ڀٽو ۽ وزير اعظم بلاول جا نعره ھنيا ويا، جنھن تي پ پ چيئرمين گاڏي مان ٻاھر نڪري ھٿ لوڏي نعرن جو جواب ڏنو، جڏهن ته  بلاول ڀٽو زرداري بغير خطاب ڪرڻ جي زرداري ھائوس نواب شاهه روانو ٿي ويو، جنهن تي   ڪيترائي ڪلاڪن انتظار ۾ بيٺل پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پنھنجي قائد بلاول ڀٽو زرداري پاران بغير خطاب ڪرڻ جي ھلي وڃڻ تي ڏکارا ٿي ويا.