نوابشاهه: کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ فقير محب جمالي جي ڳوٺ تي پوليس جا وڏا اٽالا پهچي ويا، ڳوٺ ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، علائقي واسي مورچابند ٿي ويا.ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس بنا جواز ڳوٺ تي چڙھائي ڪئي آھي، چون ٿا ته منشيات ھلي ٿي جيڪو سراسر ڪوڙ تي ٻڌل آهي، فقير محب جمالي جو تعلق فنڪشنل ليگ سان آھي ان ڪري اھو پ پ وارا ڪرائي رھيا آھن. جڏهن ته فقير محب جمالي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته بنا جواز پنج ڏينھن پهريان به پوليس چڙھائي ڪئي، اڄ وري ڳوٺ تي چڙھائي ڪئي آھي چون ٿا ته تون پيش ٿي، چيو اٿم ته پيش ٿيان ٿو سڪرنڊ ٿاڻي تي ھروڀرو پوليس خوف واري صورتحال پيدا ڪئي آھي. پوليس موجب کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ منشيات فروشي جو سلسلو ھلندڙ آھي جنھن تي ڪاروائي ڪئي آهي.