نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) نوابشاهه ڀرسان ڪارنهن الزام ۾ نوجوان ڪهاڙيون ۽ ڇريون هڻي بيدردي سان قتل، لاش ٻڪرين جي واڙ ي ٻاهران هٿ، پوليس جي ڪارروائي، هڪ جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، خبر موجب ڄام صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ مينھان خان رند واسي 19 ورهين جي دلبر رند جو ٻڪرين جي واڙي ڀرسان وارثن کي رت ۾ رڱيل لاش مليو، دلبر رند جو لاش پي ايم سي اسپتال نواب شاهه آندو ويو، جتان ضروڳري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي پيرسن والد محراب رند چيو ته منهنجي پٽ کي برادري جي ٻاهران آيل 6 جوابدارن سوڍو، فدا حسين، امداد، خالد ۽ اسد رند ڪهاڙين ۽ ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي، پوليس ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار اسد رند کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڄام صاحب پوليس موجب مانجهند واسي گرفتار ڪيل جوابدار اسد رند اعترافي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته هڪ سال اڳ سندس شادي ٿي هئي، زال جا مقتول دلبر سان ناجائز تعلقاتن جو کيس شڪ هو، جنهن تان دلبر کي هن قتل ڪيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهي هئي.