نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه پوليس ٽوپين، اجرڪن ۽ ڪتابن جو اسٽال لڳائيندڙن کان به ڀتو وٺڻ لڳي، سندن سامان کڻي وئي، مفت ۾ ٽوپيون ڏيو يا اسٽال پٽيو، خبر موجب ايڪتا ڏينهن کي چار چنڊ لڳائيندڙ ٽوپين، اجرڪن ۽ ڪتابي اسٽالن سميت مختلف ثقافتي شين جا اسٽال لڳائيندڙن کي نواب شاھ پوليس نه بخشيو، ڪالهه ڀتو نه ڏيڻ تي سندن سامان به کڻي وئي، اسٽال لڳائيندڙن چيو ته اسان روزگار ڪرڻ ھتي ھڪ ڏينھن لاءِ ايندا آھيون ۽ ايڪتا عيد ڏھاڙو ملھائي وري واپس پنھنجي علائقن ڏانھن ھليا ويندا آھيون پر نواب شاھ پوليس ھر سال جيان ھن سال به ڀتو گھري ٿي، نه ڏيڻ تي ٽوپيون ۽ اجرڪ مفت ۾ کنيو ٿي وڃي، پوليس زبردستي سامان کڻي وئي آھي، قومپرست اڳواڻ علي رضا خاصخيلي ۽ سندس ڀيڻ چيو ته ھي نوابشاهه پوليس بدمست ٿي وئي آھي ھر سال اسٽال لڳائيندڙن کي پوليس وردي جي زرو تي تنگ ڪري ٿي.