نواب شاهه(بيورو رپورٽ) صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي پنھنجي گھر جي اسپتال مريضن لاءِ آزار بڻجي وئي نه ڊاڪٽر نه دوا مريض گھر ڏانهن روانا. گذريل ڏينهن پي ايم سي اسپتال ۾ شهري مريض کڻي آيا پر نه ڊاڪٽر موجود هئا ۽ نه ئي اتي کين دوا ملي جنهن تي هو مايوس ٿي مريض کي واپس گهر وٺي ويا. ان موقعي تي محمد علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان جي چاچا سلام الدين شيخ کي فالج ٿيو آھي يا اٽيڪ ڪا خبر ناھي، ڏيڊ ڪلاڪ تائين اسپتال ۾ رهياسين ڊيوٽي ڊاڪٽر ٽراما سينٽر ۾ موجو ناھي، نوجوان پٽ خرم شيخ والد جي حالت ڏسي روئيندو رھيو، مجبور ٿي روئيندي روئيندي پٽ پنھجي پيرسن پي کي ڪلھن تي واپس کڻي گھر هليو ويو. شهرين چيو ته صدر آصف علي زرداي پاڻ صدر سندس نياڻي آصفه ڀٽو زرداري ايم اين اي ۽ سندس ڀيڻ ھتان جي ايم پي اي ۽ وزير صحت آھي پر اسپتال ۾ ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آھن ڪير ٻڌڻ وارو ناھي ھر سال ٻن ارب روپين جي بجيٽ اچي ٿي پر ھڪ گوري به ناھي.