نوابشاهه (ن پ ا) نوابشاهه جي علائقي گوليمار جا رهواسي نوجوان ناري جي مبينا اغوا خلاف وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي   24 ورهين جي ثمرا جي والد محمد طارق جٽ، امڙ نيڪ پروين، رئوف احمد، راشد، باجي جائزه ۽ ٻين دانهيندي چيو ته   گذريل ڏينهن اسان جي نوجوان ناري ثمرا کي اغوا ڪيو ويو آهي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، اين سي داخل ڪرائي اهي، نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.