نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تي مال گاڏي جي انجڻ ۽ 2 گاڏا پٽڙي تان لهي ويا، خبر موجب روهڙي کان ڪراچي ويندڙ مال گاڏي نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تي پھتي ته ٽرين جي انجڻ ۽ ٻه گاڏا پٽڙي تان لھي ويا، ريلوي پوليس ۽ ريلوي اختيارين موجب مال گاڏي جي انجڻ ۽ گاڏا لوپ لائين ٽريڪ تي لٿا آھن، ان ڪري ٽرين وڏي حادثي کان بچي وئي، جڏهن ته مرڪزي ٽريڪ تان گاڏين جي آمدرفت جاري آهي، 5 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد مال گاڏي کي ٽيڪنيڪل ٽيم تيار ڪري پنھنجي سفر ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو.