نوابشاهه/ قاضي احمد (نمائندن وٽان) نوابشاهه قاضي احمد لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل سوارن هٿان نوجوان قتل ٿي ويو، ڳوٺ نيازي سيال ڀرسان موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن عدالت مان شنوائي تان واپس ايندڙ ڳوٺاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو
جوابدار ڳوٺ مير محمد کوسو واسي نوجوان ذوالفقار کوسو کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا ، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجھه مھينا اڳ مقتول جي ڀاءُ راشد کوسو کي قتل ڪيو ويو هو، عدالت ۾ ڪيس هلندڙ هو، جوابدارن پاران کيس ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِڌمڪيون ڏنيون پي ويون
ٻئي ڌريون عدالت ۾ شنوائي بعد واپس ڳوٺ پي ويون، نوجوان کي واپس ويندي گوليون ھڻي ماريو ويو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو
هي به پڙهندا